اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف مڪه مڪرمه جي مقدس هنڌ تي ڊرون حملي جي بزدلاڻي ڪوشش جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي عوام هن اشتعال انگيز حرڪت تي رنجيده ۽ فڪرمند آهي، جڏهن ته هن قابل مذمت ۽ ناقابل معافي عمل سبب پاڪستاني قوم جنهن گهري ڏک ۽ صدمي مان گذري رهي آهي، ان کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ناڪافي آهن.وزيراعظم چيو ته سعودي هٿياربند فوج بهادري سان فوري طور تي ڪارروائي ڪئي، سموريون ڌريون صبر جو مظاهرو ۽ ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪن. خطو اڳ ئي تڪرارن سبب تمام گهڻو متاثر ٿي چڪو آهي اسان کي وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻو پوندو. هن سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي بهادري ۽ پيشوراڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪيو.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع سان گڏوگڏ حرمين شريفين جي تحفظ ۽ تقدس جي معاملي تي غير متزلزل طور تي ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي، اهو اهڙو فرض آهي جنهن کي هر پاڪستاني پنهنجي دل جي تمام ويجهو سمجهي ٿو.










