خاتم النبين حضرت محمد ﷺ جي ولادت جو جشن

خاتم النبين حضرت محمد ﷺ جي ولادت جو جشن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سموري ملڪ ۾ آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جو ميلاد پاڪ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي رهيو آهي.سڄي ملڪ جي فضا درود ۽ سلام جي صدائن سان گونجي رهي آهي. مساجدن، عمارتن، گهٽين، محلن ۽ چوراهن کي خوبصورتيءَ سان سجايو ويو آهي، جتي آقا دو جهان سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ڪراچي۾ گهٽي گهٽي کي رنگ برنگي قمقمن سان روشن ڪيو ويو آهي. مختلف هنڌن تي قائم اسٽالن تي ڪٿي موءِ مبارڪ جو زيارت ڪرايو پيو وڃي ته ڪٿي مسجدِ نبوي ۽ خانه ڪعبه جا ماڊل رکيا ويا آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ عاشقانِ رسول پاران محفلِ ميلاد ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن. ڪراچي ۾ عيد ميلاد النبيءَ جو مرڪزي جلوس ٻپهرين 2:30 بجي شهيد مسجد کارادر مان برآمد ٿيندو، جيڪو نيو ميمڻ مسجد کان ٿيندي عصر جي نماز وقت گلزارِ حبيب مسجد تي پڄاڻيءَ تي پهچندو. ان کان سواءِ ڪي اليڪٽرڪ اڄ ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. لاهور ۾ مساجدن، گهرن، رستي ۽ سرڪاري عمارتن کي دلڪش انداز ۾ سجايو ويو آهي. ميلاد جون تقريبون جاري آهن ۽ ملڪ جي ترقي، امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دعائون گهريون پيون وڃن.پشاور ۾ رحمت اللعالمين ﷺ جن کي نذرانه عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ نعت خواني ۽ ميلاد مصطفيٰ ﷺ جون محفلون مچايون ويون آهن.ڪوئٽه ۾ جڳهه جڳهه چراغان ڪيو ويو آهي، محفلِ نعت ۽ ميلاد النبيءَ جي جلوسن جو اهتمام ڪيو ويو آهي.اسلام آباد ۾ گاديءَ واري شهر کي دلھن وانگر سجايو ويو آهي. هر پاسو حضور جن جي آمد جي خوشيءَ ۾ جڳ مڳ ڪري رهيو آهي ۽ جشنِ آمدِ رسول جا نعرا گونجي رهيا آهن، جڏهن ته مساجدن ۾ خاص عبادتن جو اهتمام ڪيو ويو آهي.ملڪ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به ميلاد جا جلوس ڪڍيا ويندا.سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي صوبائي وزيرن ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب سان گڏ فيضان مدينه پهچي ويو، جتي هن ميلاد جي روح پرور محفل ۾ شرڪت ڪئي ۽ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي سيرت ۽ تعليمات تي عمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.وڏي وزير سان گڏ مذهبي معاملن وارو وزير رياض حسين شاهه شيرازي، محنت وارو وزير سعيد غني ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا.سيد مراد علي شاهه دعوت اسلامي سنڌ جي رابطا ڪميٽي جي سربراهه محمد يعقوب عطاري جي دعوت تي فيضان مدينه پهتو، جتي دعوت اسلامي جي ذميوارن سندس آجيان ڪئي.ان موقعي تي وڏي وزير دعوت اسلامي جي ذميوارن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان ڪيل انتظامن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.مراد علي شاهه چيو ته سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي آمد جو جشن ملهائڻ وڏي سعادت آهي. هن چيو ته ميلاد جون محفلون مسلمانن کي حضور اڪرم ﷺ جي سيرت طيبه تي عمل ڪرڻ ۽ سندن تعليمات کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪن ٿيون.محفل کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته مسلمان نبي ڪريم ﷺ جي اسوه حسنہ تي عمل ڪندي ئي پنهنجي وڃايل عظمت ٻيهر حاصل ڪري سگهن ٿا.هن چيو ته حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مسلمانن لاءِ بهترين نمونو آهي ۽ سندن تعليمات تي عمل ڪرڻ سان معاشري ۾ امن، ڀائيچارو ۽ اتحاد کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي.مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اتحاد امت ۾ ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جو راز لڪل آهي، تنهن ڪري مسلمانن کي پاڻ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي.وڏي وزير عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن بابرڪت ڏينهن تي اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ ۽ معاشري ۾ محبت، امن ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو