ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سهراب گوٺ ٿاڻي جي حد ايوب گوٺ ۾ سادات دسترخوان جي ويجهو اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن هڪ ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار شخص ڳچيءَ ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. زخمي کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو علاج دوران زخمن جي تاب نه آڻي سگهيو ۽ فوت ٿي ويو.پوليس موجب فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ عمران گوگن جي نالي سان ٿي آهي. ابتدائي معلومات موجب مقتول سهراب گوٺ کان ايوب گوٺ جي رستي نيون ڪراچي ڏانهن وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل ماڻهن سندس گاڏي کي نشانو بڻايو.پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي طور تي واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي ٿو، پر قتل جا محرڪ ۽ ملزمن جي سڃاڻپ اڃا سامهون نه اچي سگهي آهي. واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ جاري آهي. ڪرائم سين يونٽ وقوعي جو معائنو ڪري فائرنگ جي واقعي بابت ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته پوليس ملزمن جي گرفتاري لاءِ جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي.پوليس ذريعن موجب مقتول رنگ ٺاهڻ جي فيڪٽري هلائيندو هو ۽ مشهور سماجي اڳواڻ صارم برني جو دوست به ٻڌايو وڃي ٿو. اطلاعن موجب مقتول ٻه شاديون ڪيون هيون.ٻئي طرف پوليس کي مقتول وٽان هڪ اهڙو سڃاڻپ ڪارڊ به مليو آهي جنهن تي کيس هڪ خانگي ويب چينل جو پروڊيوسر ظاهر ڪيو ويو آهي. پوليس ان ڪارڊ جي اصليت ۽ مقتول جي صحافتي تعلق بابت به جاچ ڪري رهي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سڀني ثبوتن ۽ موجود معلومات جي روشني ۾ واقعي جا اصل محرڪ طئي ڪيا ويندا.










