اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي پمز اسپتال جي گائني وارڊ جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب فوت ٿيل 14 تازن ڄاول ٻارڙن جون مڙهه وارثن حوالي ڪيون ويون آهن. ڪجهه وارثن احتجاج ڪندي شڪايت ڪئي آهي ته سڃاڻپ کان بغير مڙهه ڏنيون ويون آهن ۽ هنن ڊي اين اي ٽيسٽ جو مطالبو ڪيو آهي.










