ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڄي سنڌ ۾ هٿيارن جا نوان لائسنس جاري ڪرڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي؛ ان سان گڏوگڏ هٿيارن جي ڊيلرشپ جا نوان لائسنس جاري ڪرڻ تي به مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي.سنڌ جي گهرو وزير جي ترجمان ٻڌايو ته هٿيارن جا لائسنس صرف انتهائي غير معمولي يا خاص حالتن ۾ ئي جاري ڪري سگهجن ٿا؛ اها پابندي فوري طور تي لاڳو ٿي وئي آهي ۽ ايندڙ حڪمن تائين برقرار رهندي.ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪنهن به لائسنس جاري ڪندڙ اختيار کي نوان هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ۽ خاص معاملن لاءِ بااختيار اداري کان اڳواٽ منظوري حاصل ڪرڻ لازمي هوندو.ترجمان وڌيڪ وضاحت ڪئي ته قاعدن ۽ ضابطن مطابق، سنڌ جي گهرو وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير، ٻنهي کان منظوري وٺڻ ضروري هوندو.هن ٻڌايو ته لاڳاپيل سمورن لائسنس جاري ڪندڙ ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ان فيصلي تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي.










