بلوچستان ۾ فورسز جو آپريشن: 2 دهشتگرد مارجي ويا، 3 زخمي

بلوچستان ۾ فورسز جو آپريشن: 2 دهشتگرد مارجي ويا، 3 زخمي

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ): بلوچستان جي علائقي ڪلي زائيڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران ڪيل اهم انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 3 سخت زخمي ٿي پيا آهن سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز پاران بسيمه ڪئمپ کان 12 ڪلوميٽر اتر ڏانهن ڪلي زائيڪ ۽ ڪاغلي جي وچ واري علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي। ڪارروائيءَ دوران مارجي ويل ۽ زخمي دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ اسلوح، ايمونيشن، ميگزين، دستي بم ۽ آءِ اي ڊي (IEDs) ٺاهڻ جو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو