ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشن رد الفتنه 3 تحت آپريشن ڪري رهيون آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، آواران ضلعي جي بدرنگ علائقي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي.










