ڪراچي (رپورٽر): وزيرِاعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيرِاعليٰ هائوس ۾ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران صوبي ۾ ڪڻڪ جا اسٽريٽجڪ ذخيرا مضبوط بڻائڻ لاءِ جامع منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪابينا پاسڪو (PASCO) کان 2 لک 23 هزار 455 ميٽرڪ ٽن ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (TCP) ذريعي 3 لک ميٽرڪ ٽن پرڏيهي درآمدي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اجلاس کي بيفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پاسڪو کان حاصل ٿيندڙ ڪڻڪ مان 1 لک 30 هزار ميٽرڪ ٽن ڪراچي، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ حيدرآباد ۽ جامشورو منتقل ڪئي ويندي، جڏهن ته شهيد بينظيرآباد، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جون گهرجون پاسڪو جي مقامي گودامن مان پوريون ڪيون وينديون. محڪمه ماليات ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 23 ارب 13 ڪروڙ 60 لک رپيا جڏهن ته ترسيلي خرچن لاءِ 2 ارب رپيا اڳ ئي جاري ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه ڪابينا پرڏيهي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سهفريقي معاهدي، سنڌ بئنڪ ذريعي ڪموڊٽي فنانسنگ، نوان باردانا (PP bags) خريد ڪرڻ ۽ پورٽ تان روزانو 5 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ کڻڻ جو هدف مقرر ڪرڻ سميت جامعہ ڪراچي جي فوڊ سائنس شعبي جي تجويز ڪيل ڪڻڪ جي معيار جي پڻ منظوري ڏني. ان موقعي تي وزيرِاعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ ڪڻڪ جي بلاتعطل فراهمي، اٽي جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سنڌ حکومت جي پهرين ترجيح آهي.اجلاس ۾ صوبي اندر صاف، ماحول دوست ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ غير تجارتي اليڪٽرڪ گاڏين (EVs) لاءِ ٽئڪس ۽ رجسٽريشن مراعات جو پئڪيج منظور ڪندي ان ۾ 30 مئي 2026ع کان 29 مئي 2028ع تائين وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.ڪابينا جي ئيسلي موجب غير تجارتي اليڪٽرڪ گاڏين جي رجسٽريشن ئيس صرف 1,000 رپيا، ساليانو موٽر وھيڪل ٽئڪس 500 رپيا جڏهن ته اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن تي 500 رپيا ھڪ ئي ڀيرو تاحيات ٽئڪس مقرر رکيو ويو آهي، ان کان علاوه 2000 CC يا ان کان وڌيڪ مساوي انجڻ واريون اليڪٽرڪ گاڏين تي 5,000 رپيا لگزري ٽئڪس ۽ دير سان رجسٽريشن تي 1,000 رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي وزيرِاعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال سان در آمدي ايندھن تي انحصار گھٽبو، ڪاربن جي اخراج ۾ گھٽتائي اِيندي ۽ شھري فضائي آلودگي ختم ٿيندي، جڏهن ته ٽئڪس رعايا سان صوبي ۾ سيڙپڪاري کي پڻ هٿي ملندي. المحڪمه ايڪسائيز، ٽئڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول پاران پيش ڪيل ان تجويز کي ڪابينا اتفاقِ راءِ سان قبول ڪري ورتو.ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي سرڪاري ڪاروهنوار کيجديد ڊجيٽل گورننس تي منتقل ڪرڻ لاءِ اي-دفتر (e-Office) ۽ اي-ڪئبينيٽ (e-Cabinet) سسٽم کي ادارتي بڻائڻ جي باقاعده منظوري ڏني وئي آهي. قانون کاتي جي سفارش تي سنڌ سيڪريٽريٽ هدايتون 2014ع ۾ اي-دفتر ۽ اي-ڪئبينيٽ جون تعريفون شامل ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس کي بيفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته شروعاتي طور تي 10 حڪومتي کاتن ۾ اي-آفيس سسٽم لاڳو ڪرڻ لاءِ تياريون جاري آهن، جڏهن ته جنرل ايڊمنسٽريشن ونگ ۾ آفيسرن جي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ بعد سسٽم آزمائشي بنيادن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه اي-آفيس کي اي-ڪئبينيٽ سسٽم سان مڪمل طور تي ضم (Integrate) ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. ان موقعي تي وزيرِاعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته اي-دفتر جي منظوري سان سنڌ حڪومت ۾ پاردرشتي (شفاف) ۽ موثر ڊجيٽل سسٽم جي شروعات ٿي آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سرڪاري معاملن مان ڪاغذي ڪم (Paperwork) ختم ڪرڻ آهي. هن چيو ته هن سسٽم ذريعي مختلف کاتن جي وچ ۾ سرڪاري فائلن، خط و ڪتابت، سمنڊرن، نوٽنگس ۽ سرڪاري آرڊرن جي پروسيسنگ ۽ ٽريڪنگ ڊجيٽل ٿيندي، جنهن سان وقت جي بچت ٿيندي ۽ شفافيت يقيني بنبي.










