جماعت اسلامي پاران 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان

جماعت اسلامي پاران 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان

گوجرانولا (ويب ڊيسڪ) جماعتِ اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪيو آهي.گجرانوالا ۾ هڪ ريلي کي خطاب ڪندي جماعتِ اسلامي جي امير چيو ته اڄ پاڪستان جي مسئلن بابت ڪو به ڳالهائڻ وارو ناهي، ۽ عوام جي موجوده بدحال حالت لاءِ هڪ ننڍڙو اشرافيه طبقو ذميوار آهي.پنهنجي خطاب ۾ حافظ نعيم ان دعويٰ تي سوال اٿاريو ته پيٽرول جا اگهه عالمي مارڪيٽ سبب وڌيا آهن، ۽ پڇيو ته پوءِ ليوي ۽ ڳرا ٽيڪس ڇو لڳايا پيا وڃن.جماعتِ اسلامي جي امير نشاندهي ڪئي ته مقامي طور تي پيدا ٿيندڙ تيل لاءِ به اوترو ئي اگهه ورتو وڃي ٿو جيترو درآمد ٿيل تيل لاءِ ورتو وڃي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پيٽرول جا اگهه گهٽائڻ بابت بيوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ بار بار سندن ٽيم کان وڌيڪ وقت گهريو آهي.جماعتِ اسلامي جي امير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اسلام آباد ڏانهن مارچ 20 سيپٽمبر تي ٿيندو.قابلِ ذڪر آهي ته جماعتِ اسلامي گذريل 27 ڏينهن کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم ليوي ۽ مهانگائي خلاف ڌرڻا هڻي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو