ڪراچي: سرجاني ۾ ماءُ ۽ ٽن ٻارن جو مبينا قاتل گرفتار

ڪراچي: سرجاني ۾ ماءُ ۽ ٽن ٻارن جو مبينا قاتل گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سرجاني ٽائون ۾ هڪ ماءُ ۽ سندس ٽن ٻارن جي قتل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي؛ پوليس جوابدار کي حراست ۾ وٺي ورتو آهي. اهي قتل ذاتي دشمني سبب ڪيا ويا هئا.پوليس ذريعن ٻڌايو ته جوابدار مقتولن جو واقفڪار هو، جيڪو اڪثر گهر ايندو رهندو هو ۽ اڳ ۾ مقتولن وٽ ڪرائيدار طور به رهي چڪو هو.ذاتي دشمني جي بنياد تي، جوابدار مِهوِش ۽ سندس ٻارن جي مٿن تي ڳري شيءِ ۽ تيز ڌار واري هٿيار جا وار ڪري کين قتل ڪيو.ياد رهي ته سومر جي رات سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 7-ڊي ۾ هڪ گهر مان لاش مليا هئا، ۽ اڱاري جي شام چارن ئي ڄڻن کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو