ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران انتظامي معاملن بابت اهم قدم کڻندي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي سندن لاڳاپيل ضلعن جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ ڇڏيل ملڪيتن جي نگراني، تحفظ ۽ ضابطي جا اختيار استعمال ڪندا. سنڌ جي اقليتي معاملن واري کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت ڇڏيل ملڪيتن جي حفاظت ۽ انتظام بابت خاص اختيار به ڊپٽي ڪمشنرن حوالي ڪيا ويا آهن. حڪومت جي ان فيصلي جو مقصد ڇڏيل ملڪيتن جي بهتر نگراني ۽ انهن جي تحفظ لاءِ ضلعي سطح تي انتظامي نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ قرار ڏنو پيو وڃي.










