حيدرآباد( ن س) سنڌ جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري اڄ سينٽرل جيل حيدرآباد جو دورو ڪري قيدين کي فراهم ڪيل سهولتن، انتظامن ۽ جيل جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو، دوري دوران صوبائي وزير علي حسن زرداري جيل جي ڪچن جو خاص معائنو ڪيو، جتي هن صفائي سٿرائي جي انتظامن، خوراڪ جي معيار، استعمال ٿيندڙ شين ۽ کاڌو تيار ڪرڻ جو مڪمل جائزو ورتو،هن لاڳاپيل جيل اختيارين کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته قيدين کي قانون ۽ مقرر ڪيل ضابطن موجب معياري، صاف سٿري ۽ متوازن خوراڪ جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي،صوبائي وزير جيل ۾ قيدين سان ملاقات لاءِ آيل ملاقاتي ماڻهن ۽ وارثن سان پڻ ملاقات ڪئي، هن ملاقاتي ماڻهن کان سندن حال احوال معلوم ڪيو، سندن مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون ۽ جيل انتظاميه کي هدايت ڪئي ته ملاقات جي عمل کي وڌيڪ شفاف، آسان ۽ سهوليت وارو بڻايو وڃي، ته جيئن پري پري کان ايندڙ قيدين جا وارث ڪنهن به غيرضروري تڪليف يا پريشاني کي منهن نه ڏين.ان موقعي تي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جيل صرف سزا ڏيڻ جا هنڌ نه، پر اصلاح ۽ بحاليءَ جا ادارا آهن، قيدين جي فلاح ۽ بهبود، کين بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ سندن انساني حقن جو تحفظ سنڌ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي،قيدين سان انساني ۽ قانوني گهرجن موجب ورتاءُ ڪرڻ سان گڏ جيلن ۾ صفائي، خوراڪ، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن،صوبائي وزير جيل انتظاميه کي هدايت ڪئي ته قيدين ۽ سندن وارثن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ فوري ۽ عملي قدم کنيا وڃن ۽ جيل جي انتظامن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي،صوبائي وزير جي دوري دوران جيل انتظاميه پاران کيس قيدين کي فراهم ٿيندڙ مختلف سهولتن ۽ انتظامي معاملن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.










