عليما خان ڊي سي لاهور جي حڪم تي گرفتار

عليما خان ڊي سي لاهور جي حڪم تي گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليما خان کي ڊي سي لاهور جي ’ايم پي او‘ هيٺ جاري ڪيل حڪم هيٺ لاهور پوليس گرفتار ڪيو آهي.
پوليس جي سفارش تي ڊي سي لاهور محمد علي اعجاز جاري ڪيل حراستي حڪم ۾ چيو آهي ته کيس ۽ محمد امير کي 30 ڏينهن لاءِ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد رکيو وڃي.
ڊي سي جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته هو 9 مئي 2023 تي به عوا کي اڪسائن م ملوث هئي ۽ هاڻي به 27 سيپٽمبر جي احتجاج لاءِ عوام کي متحرڪ ڪري رهي آهي. جنهن سبب امن امان کي خطرو آهي.
پارٽي چيئرين گوهر خان ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته کيس نورين نيازي گرفتاري بابت آگاهه ڪيو آهي.
هن چيو ته اسين ٽڪراءُ نٿا چاهيون اسانجو احتجاج مڪمل طور پرامن آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪارڪنن جون گرفتاريون بند ٿيڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو