ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي لاءِ اضافي پاڻي جي فراهمي جلد شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته شهر جي صنعتن لاءِ روزانو 35 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ جو منصوبو پڻ تيار ڪيو ويو آهي.ڪراچي ۾ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي لاءِ اضافي پاڻي جي فراهمي جو سلسلو جلد شروع ٿي ويندو. هن چيو ته منصوبي جي تاريخ ڪافي ڊگهي آهي ۽ ان کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير ميئر ڪراچي کي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حڪومت وٽ مختلف منصوبن جي افتتاحن جي ڊگهي فهرست موجود آهي، پر جيڪڏهن رڳو افتتاح ئي ڪندا رهنداسين ته عملي ڪم نه ٿي سگهندو. مراد علي شاهه چيو ته منصوبن مان عوام کي فائدو پهچڻ ئي حڪومت لاءِ اصل افتتاح ۽ انعام آهي. سياسي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ماڻهو ڀلي ڪجهه به چون، پيپلزپارٽي چونڊن ۾ اڳ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي رهي آهي.










