شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور ۾ ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ، اسپيشل برانچ جو رٽائرڊ هيڊ ڪانسٽيبل قتل. اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ڪڙي عطا محمد محلي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اسپيشل برانچ جو رٽائرڊ هيڊ ڪانسٽيبل عاشق چوهان مارجي ويو. پوليس موجب فائرنگ جو واقعو ملڪيت جي تڪرار سبب پيش آيو، جتي هٿياربندن رٽائرڊ پوليس اهلڪار عاشق چوهان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. واقعي کانپوءِ هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي اسٽورٽ گنج پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور فائرنگ واري واقعي کي ملڪيت جي تڪرار جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته واقعي جي اصل سببن ۽ جوابدارن بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.










