اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سگريٽن جي غيرقانوني خريداري ۽ وڪرو ذريعي 80 ارب جي ٽيڪس چوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ذريعن موجب ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جي عملدارن وزيراعظم کي سگريٽن جي غير قانوني وڪري ۽ خريداري تي بريفنگ ڏني جڏهن ته ان حوالي سان ڪيل ڪارروائي جي مهيني جي رپورٽ به وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي،ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم غير قانوني سگريٽ فيڪٽرين خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪندي ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته جلد سمورن سگريٽ فيڪٽرين تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳايو وڃي.ايف بي آر ان لينڊ روينيو انٽيليجنس ٽيمون غير قانوني سگريٽن جي فيڪٽرين تي ڇاپو هڻي ۽ غير قانوني سگريٽ خلاف ڪارروائي جي رپورٽ به آءِ ايم ايف کي موڪلي ويندي.ذريعن موجب 2 درجن کان وڌيڪ سگريٽ ٺاهيندڙ ڪمپنيون اڃا تائين ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ۾ شامل نه ٿيون آهن.










