حڪومت آئي ته ڪنهن کي نه ڇڏيندس: عمران خان

حڪومت آئي ته ڪنهن کي نه ڇڏيندس: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته حڪمران جيڪو به ڪن پيا، ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي. جيڪڏهن سندن حڪومت آئي ته هو ڪنهن کي به نه ڇڏيندا.عمران خان وڌيڪ چيو ته پهريان توهان غير قانوني ڪم ڪيا پر هن ڀيري بچي نه سگهندا، 90 ڏينهن کانپوءِ نگران حڪومت نٿي رهي سگهي، اسان جي دور ۾ نيب 480 ارب وصول ڪيا.وڊيو خطاب دوران هن چيو ته اڄ جيڪو به ايڪشن وٺي رهيو آهي، ان کي نه ڇڏيندس.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ دولت آڻينداسين ته مهانگائي ختم ٿي ويندي، 10 مهينن ۾ حڪومت اهو ڪيو جيڪو دشمن به نه ڪيو، اسان جي دور ۾ تيل 110 ڊالر في بيرل هو، اڄ 75 کان 80 ڊالر آهي.هن چيو ته هو عوام کان قربانيون وٺي رهيا آهن، پاڻ به ڪجهه ڪريو اسان جي سامهون ڳوڙها نه وهايو، قوم هاڻي بيوقوف نه ٿيندي، عوام روڊن تي اچڻ لاءِ تيار آهي.هن چيو ته اسان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ خلاف سازش ٿي رهي آهي، توهان ۽ توهان جا سهولتڪار ان جا ذميوار آهيو، اسان جي دور ۾ ملڪ ۾ تاريخي ڊالر آيا.پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته چيئرمين نيب سندن خاص ماڻهو هو، هو اهو به چئي رهيو آهي ته ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، منهنجي خلاف 70 ايف آءِ آرز آهن، پريشان نه ٿيو، اوهان جيڪو چاهيو اهو ڪريو، جيل رڳو ماڻهن جو خوف ختم ڪرڻ لاءِ آهي، ڀورو تحريڪ شروع ڪئي.عمران خان چيو ته ملڪ مان ڀڄڻ وارو ٻاهر آهي ۽ ملڪ جا فيصلا ڪري رهيو آهي، هن ملڪ جو مستقبل ڇا هوندو جتي ملڪ جا فيصلا هڪ فراري ئي ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو