پاڪستان پهريون مُلڪ آهي جيڪو ترڪيه جي مدد لاءِ پهتو: وزيراعظم

پاڪستان پهريون مُلڪ آهي جيڪو ترڪيه جي مدد لاءِ پهتو: وزيراعظم

انقرا ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي تمام گهڻو افسوس آهي، نقصان تمام وڏو آهي، پاڪستان پهريون ملڪ آهي جيڪو ترڪيه ۾ 21هين صدي جي بدترين زلزلي کانپوءِ متاثرن جي مدد لاءِ پهتو.ترڪ ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي شهباز چيو ته زلزلي کانپوءِ صدر طيب اردگان کي فون ڪري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مدد جي آڇ ڪئي، هو پنهنجي حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام طرفان متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.هن چيو ته ڪيتري به امداد ڏني وڃي اها گهٽ آهي، هو هن وقت تائين 500 ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان پهچائي چڪا آهن، وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن هڪ هڪ مهيني جي پگهار ترڪ ڀائرن لاءِ عطيو ڪئي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو، ترڪيه سندن مدد ڪئي، پڪ اٿم ته ترڪ حڪومت ۽ عوام جلد ئي مصيبت مان نڪري ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو