حيدر آباد (ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت پاران عورتن جي سهولت لاءِ ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ۾ به پنڪ پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪيو ويو آهي. ايم اين اي شگفته جماڻي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سنڌ عبدالعليم شيخ حيدرآباد ۾ پنڪ پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪيو، پنڪ پيپلز بس سروس شروعاتي طور حيدر چوڪ کان هٽڙي بائي پاس تائين هلندي.ذريعن موجب شروعاتي طور تي 2 پنڪ پيپل بسون هلايون پيون وڃن، جن جو ڀاڙو 50 رپيا مختص ڪيو ويو آهي.










