پاڪستان ۾ ٻه ملڪ آهن، هڪ غريب جو ۽ ٻيو امير جو: مصدق ملڪ

پاڪستان ۾ ٻه ملڪ آهن، هڪ غريب جو ۽ ٻيو امير جو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي اعتراف ٿو ڪيان ته غريب ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، هتي ٻه ملڪ آهن، هڪ غريب جو ۽ ٻيو امير جو. دي فيوچر سمٽ سان خطاب ڪندي مصدق ملڪ چيو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني کي گئس چوري جو حساب ڏيڻو پوندو، ايس ايس جي سي ۾ جيڪو چوري ڪندو، اهو نوڪري وڃائيندو، گئس چوري جو بار غريب تي پوندو آهي ۽ امير بچي ويندو آهي.هن اعتراف ڪندي چيو ته غريب ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، رپئي جي بي قدري سبب مهانگو تيل خريدڻ تي مجبور آهيون، عمران خان وڃڻ کان اڳ پيٽرول تي سبسڊي ڏني، پاڪستان ۾ ٻه ملڪ آهن، هڪ غريب جو ۽ ٻيو امير جو.سندس چوڻ هو ته سستي تيل لاءِ روس سان معاهدو ٿي ويو آهي، مارچ کان تيل پهچڻ شروع ٿي ويندو، غريب ماڻهو لاءِ 4 مهينا آءِ ايم ايف سان وڙهياسين.

پهنجو تبصرو موڪليو