لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته هو حيران آهي ته مريم نواز جي بيانن تي ڪنهن به اداري طرفان ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته مريم نواز کليل نموني ادارن کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، هن وقت سندس بيانن تي ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي رهي.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ننڍي کان ننڍي ڳالهه تي به نوٽيس ورتو ويندو آهي.هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪرايو ويو ته عدالتون بيزار ٿي وينديون، هي عدالت لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ادارن ۽ سياسي پارٽين کي هڪ ٻئي کي جاءِ ڏيڻ جي ضرورت آهي.سندس اهو به چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته پاڪستان کي ڪيئن هلائڻو آهي.










