سيئول (ويب ڊيسڪ)اتر ڪوريا جو اڳواڻ ڪم جونگ ان پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي فوجين سان ملاقات لاءِ وٺي آيو.پرڏيهي ميڊيا موجب ڪم جونگ ان پنهنجي ٻي ڌيءَ سان گڏ اچڻ جو امڪان آهي، جنهن جي عمر 9 سال آهي.ڪورين پيپلز آرمي جي 75 هين يوم تاسيس جي سرڪاري ميڊيا تي جاري ڪيل تصويرن ۾، فوجي عملدارن ڪم جونگ ان، سندس ڌيءَ ۽ سندس زال جو شاندار استقبال ڪيو.رپورٽن مطابق ڪم جونگ ان جي ڌيءَ تقريب ۾ سينٽرل ٽيبل تي ويٺي هئي.ماهرن جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ اشارو ڏنو آهي ته سندس ڌيء کي وارث طور ڏٺو وڃي ٿو.ڪم جونگ ان پهريون ڀيرو پنهنجي ڌيءَ کي عوام جي نظر ۾ گذريل سال آندو جڏهن هو ايٽمي هٿيارن سان ڀريل ملڪ جي سڀ کان وڏي بيلسٽڪ ميزائل جي لانچ جو معائنو ڪرڻ لاءِ پهتو.










