انقرهه (ويب ڊيسڪ)حڪومت جي زلزلي متاثرن جي امدادي ڪوششن تي آن لائن تنقيد کانپوءِ ملڪ ۾ ٽوئيٽر سروس معطل ڪئي وئي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪ پوليس سوشل ميڊيا تي اشتعال انگيز پوسٽن تي 18 ڄڻن کي حراست ۾ به ورتو آهي.رپورٽن مطابق قيدين زلزلي کانپوءِ حڪومت جي امدادي ڪوششن تي تنقيد ڪئي هئي.رپورٽن مطابق ترڪي ۾ شهرين کي ٽوئيٽر استعمال ڪرڻ لاءِ وي پي اين سروس استعمال ڪرڻي پوندي.ٻئي طرف ٽوئيٽر جي سربراهه ايلون مسڪ چيو آهي ته ترڪ حڪومت کي آگاهه ڪيو آهي ته ٽوئٽر تائين رسائي جلد فعال ڪئي ويندي.










