اپريل ۾ روس مان تيل اچڻ شروع ٿي ويندو: مصدق ملڪ

اپريل ۾ روس مان تيل اچڻ شروع ٿي ويندو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (م ڊ) پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته اپريل ۾ روس کان خام تيل جو سامان اچڻ شروع ٿي ويندو.سينيٽ ۾ بيان ڏيندي مصدق ملڪ چيو ته ڪمرشل ڊيل کي مارچ جي آخر ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويندو ته ڪيتري رعايت ڏني ويندي ۽ ڪهڙي ڪرنسي ۾ ڪم ڪيو ويندو جڏهن ته ڪمرشل ڪارگو جي سفر جو وقت ڪيترو هوندو.هن چيو ته ايران جي پيٽروليم ڪمپنين تي پابندي آهي، ايل پي جي ۽ ڪجهه پيٽروليم مصنوعات ايران کان سرحدن تي اچي رهيون آهن، ايران سان مالياتي ٽرانزيڪشن وڌائڻ مشڪل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو