اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، 2 هفتن کان هن موذي وبا سبب ڪو به فوتگي جو اطلاع ناهي مليو.ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ ملڪ اڃا تائين 53هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح رڳو 0.50 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ رڳو 19 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته علاج هيٺ 11 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 640 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته مريضن جو انگ 15 لک 76 هزار 312 تائين پهچي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 797 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 13 لک 13 هزار 564 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.










