مقتول نوجوان جي وارثن جو احتجاج، هاءِ وي بند

مقتول نوجوان جي وارثن جو احتجاج، هاءِ وي بند

ڏھرڪي (ن سنڌيار) ڏھرڪي ٻه مهينا اڳ قتل ڪيل خادم ٽانوري جي وارثن جو ڏھرڪي نيشنل ھاء وي تي احتجاج،جوابدارن جي عدم گرفتاري تي ڏھرڪي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو،احتجاج ڪندڙ عبدالغفار ٽانوري، حاڪم علي ٽانوري، ۽ ٻين دانهندي چيو تہ ٻہ مهينا اڳ مهر برادري جي ماڻهن اسان جي نوجوان خادم ٽانوري کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي،ڏھرڪي پوليس نوجوان جا قاتل گرفتار ڪرڻ بدران اسان جي ماڻهن تي پنجاهه کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي،ھُنن اعلي عملدارن سي ايم سنڌ مراد علي شاھ، آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي سکر، ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي،کان مطالبو ڪيو آهي تہ خادم ٽانوري جي قاتلن کي فوري تي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو