اسلام آباد)بيورو رپورٽ) رجسٽرار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان (ايس سي پي) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي درخواست تي اعتراض واريو آهي.پي ٽي آءِ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري کي چئلينج ڪيو هو، رجسٽرار سپريم ڪورٽ اعتراضن سان درخواست واپس ڪري ڇڏي.رجسٽرار آفيس محسن نقوي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ڪيترائي اعتراض اٿاريا، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار عوامي اهميت ۽ بنيادي حقن جي ڪنهن به مسئلي جي نشاندهي ناهي ڪئي.اعتراض ۾ چيو ويو ته درخواستگذار لاڳاپيل فورم سان رابطو ناهي ڪيو، اسد عمر درخواست ۾ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل هجڻ جو ڪو ثبوت ناهي ڏنو.رجسٽرار سپريم ڪورٽ اعتراض ڪيو ته آرٽيڪل 248 تحت وڏي وزير کي ڌر نٿو بڻائي سگهجي.رجسٽرار آفيس اعتراض ڪيو ته پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ نامناسب لفظ استعمال ڪيا ويا.










