ماسڪو جو دورو، روس پاڪستان کي وڏي خاطري ڪرائي ڇڏي

ماسڪو جو دورو، روس پاڪستان کي وڏي خاطري ڪرائي ڇڏي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ماسڪو دوري دوران روس پاڪستان کي توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي.ماسڪو ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري روسي هم منصب سرگئي لاروف سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان توانائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، اميد ته هن دوري ۾ اڳڀرائي ٿيندي ۽ ٻيا ملڪ گڏيل لاڳاپن ۾ مداخلت نه ڪندا.هن چيو ته تڪرارن جو پرامن حل ۽ روس سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، روسي پرڏيهي وزير سان سڀني شعبن ۾ دوستاڻي گفتگو ٿي، پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا ٻه طرفي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ اهم آهن ۽ پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. ان موقعي تي سرگئي لاروف چيو ته پاڪستان ۽ روس جو مختلف عالمي فورمز ۾ سهڪار بابت گڏيل موقف آهي، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار جاري آهي، پاڪستان جون توائاني ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان ۽ روس ڪوششون جاري رکندا، اڻ ڌري پوزيشن جي لحاظ سان پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو