اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي.اڳوڻي صدر آصف زرداري طرفان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 10 ارب رپيا هرجاڻي جو قانوني نوٽيس اماڻيو ويو آهي، جنهن ۾ کيس 14 ڏينهن اندر غير مشروط معافي وٺڻ جو چيو ويو آهي.فاروق ايڇ نائيڪ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طرفان قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 27 جنوري تي قومي ميڊيا تي پنهنجي تقرير ۾ عمران خان اڳوڻي صدر آصف زرداري تي الزام هنيو ته کيس آصف زرداري کان موت جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن. عمران خان جي قتل جي رٿابندي ڪئي.قانوني نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ان حوالي سان ڇا عمران خان وٽ ٺوس ثبوت آهن؟ هي سراسر الزام ۽ ڪوڙ آهي، ان ۾ ڪيترائي شڪ پيدا ٿيا آهن، ان ڪري عمران خان کي عدالت ۾ واضح موقف ڏيڻ گهرجي ۽ ثبوت سامهون آڻڻ گهرجن.نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن عمران خان معافي نه گهري ته سندس ساک کي جيڪو نقصان پهتو آهي ان جو ازالو ڪيو وڃي.










