بهاولنگر ( ويب ڊيسڪ ) بهاولنگر ۾ ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ڇهه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.ريسڪيو ذريعن موجب بهاولنگر ۾ گجياڻي ويجهو ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ چئن عورتن ۽ ٻن ٻارن سميت ڇهه ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو شادي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا.










