پيٽرول تي ليوي 50 رپيا في ليٽر برقرار

پيٽرول تي ليوي 50 رپيا في ليٽر برقرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 35 رپيا 35 پئسا واڌ ڪري ڇڏي آهي پر ليوي 50 رپيا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن ذريعن موجب پيٽرول تي ليوي 50 رپيا في ليٽر برقرار آهي، جڏهن ته ڊيزل تي 5 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ان واڌ کانپوءِ ڊيزل تي ليوي 40 رپيا في ليٽر وڌي وئي آهي.اهڙي طرح گاسليٽ تي ليوي ۾ 5 رپيا 90 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ تي ليوي 32 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڊالر 236 رپيا 40 پيسا جي سراسري واڌ ڪئي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته 16 جنوري کان 27 جنوري تائين ڊالر جي سراسري مٽا سٽا جي شرح تي غور ڪيو ويو.ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل ۽ ٻيون شيون 11 سيڪڙو تائين مهانگيون ٿي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو