استاد جي گھر کي باھ، لکين روپين جو نقصان، الک تلهه سڙي رَک

استاد جي گھر کي باھ، لکين روپين جو نقصان، الک تلهه سڙي رَک

دڙو (ن س)ٻنون شھر ۾ غريب استاد جي گھر کي پُراسرار طور باھ، لکين روپين جو نقصان، الھو تلھو سڙي باھ جي رَک، متاثر گھرڀاتي سخت سيء ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارومددگار ويٺل. ٻنون جي رھندڙ غريب ماستر ابراھيم عرف غلام مڱڻھار جي گھرکي اوچتو باھ وڪوڙي وئي، جنھن سبب گھر ۾ پيل روڪ رقم 2 لک 65 ھزار روپيا، سونا زيور، گھر ۾ بيٺل موٽر سائيڪل، نوڪري جا ڪاغذ کٽون، ھنڌ، بسترا، ڪپڙو ۽ ٻيو سامان سڙي باھ جي رک ٿي ويو، گھر ڌڻي استاد ابراھيم عرف غلام منگھڻار پريس ڪلب دڙو جي ٽيم کي ٻڌايو تہ رات جو گھر ۾ ستل ھئاسين، تہ اوچتو گھر کي باھ لڳي، جنھن سبب ھنگامي طور سمورن گھرڀاتين کي گھر کان ٻاھر ڪڍي جان بچائي، پر گھر ۾ پيل روڪ رقم، سونا زيور، موٽرسائيڪل، ڪاغذ ھنڌ بسترا ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو آھي، ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ باھ سبب سخت سيء ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارومددگار ويٺل آھيون، سنڌ سرڪار، حد جا چونڊيل نمائيندا ضلع انتظاميا سجاول ۽ سرندي وارا مالي مدد ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو