اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ريفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن جي نااهلي واري فيصلي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست تي حتمي دليلن جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي ٻڌڻي ڪندي حتمي دليلن لاءِ 13 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل علي ظفر، اليڪشن ڪميشن جا وڪيل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.ن ليگ اڳواڻ محسن شاهه نواز رانجها پنهنجي وڪيل سميت عدالت ۾ پيش ٿيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق محسن شاهه نواز رانجها کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي توهان جو ريفرنس آهي؟محسن شاهه نواز رانجها جواب ڏنو ته اسان اسپيڪر قومي اسيمبلي کي درخواست ڏني هئي، اسپيڪر قومي اسيمبلي اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس موڪليو هو. وڪيل علي ظفر استدعا ڪئي ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيو، اليڪشن ڪميشن فوجداري ڪارروائي لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي.اليڪشن ڪميشن جي نمائندي چيو ته اسان کي عدالت اڳ ئي روڪيو آهي، اسان ڪنهن به ڪارروائي تي عمل نه ڪري رهيا آهيون.وڪيل علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن 13 ڊسمبر لاءِ ٻيو نوٽيس جاري ڪيو آهي، عدالت ان کي روڪي.چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته عدالت جلد ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ۽ فيصلو ڪندي










