انتشار جي سياست بند ٿيڻ گهرجي، ايندڙ ميئر جيالو هوندو

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهور)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي جو ايندڙ ناظم جيالا هوندو، شهرين جا مسئلا حل ڪنداسين. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي 55 هين يوم تاسيس جي حوالي سان ڪوٺايل ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ سبب اسان فيصلو ڪيو هو ته هن سال پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس ضلعي سطح يا ڊويزنل سطح تي ملهايو ويندو. هن چيو ته نشتر پارڪ ڪراچي جي ميڊيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو، نشتر پارڪ ڪراچي جي شهرين سان ڀريل آهي ۽ هن شهر ۾ پيدا ٿيندڙ جيالي کي شهر جو ناظم چونڊيو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاق جي پارٽي آهي ان ڪري ڪراچي جي به پارٽي آهي ۽ اسان جو به حق آهي ته ڪراچي جي ميئر جي چونڊ ڪري ڪراچي جي عوام جا مسئلا حل ڪريون. هن چيو ته پيپلز پارٽي سياسي ڪربلا ڀوڳي پر پوءِ به نفرت ۽ انتشار جي سياست نه ڪئي. پيپلز پارٽي جي باني، ان ٻن پٽن ۽ نياڻي کي انتها پسندن شهيد ڪيو، سندس گهرواري کي عذاب ڏئي ماريو پر پوءِ ملڪ خلاف ڪجهه نه ڳالهايو پر پاڪستان کپي جو نعرو هنيو. هن چيو ته هڪ سليڪٽيڊ جي آئيني طريقي سان حڪومت ختم ڪئي ته هو ملڪ ۾ ڏڦيڙ وجهي انتشار جي سياست ڪري پيو، کيس هاڻي اهري سياست بند ڪرڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو