عمران خان جا سڀ پلان فيل ٿي ويا: مريم نواز

لنڊن(ويب ڊيسڪ)ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جا سڀ پلان بري طرح فيل ٿي ويا، سازشين جو اهو ئي انجام ٿيندو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته ناڪام ترين لانگ مارچ، هڪ کانپوءِ هڪ ڊرامو ۽ ڪوڙ پر سچ اهو ئي آهي ته عمران خان جو 9 سالن جو پلان فيل ٿي ويو. هن چيو ته سازش تحت حڪومت ختم ڪرڻ جو پلان، پنهنجو من پسند چيف آڻڻ جو پلان، چيف جي مقرري تي رنڊڪ وجهڻ جو پلان، نئين چيف کي تڪراري بڻائڻ جو پلان سڀ بري طرح فيل ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو