آرمي چيف جو معاملو ٿي ويو،عمران خان نئون ڪجه ڪيو ته ڏسي وٺنداسين:شاهد

آرمي چيف جو معاملو ٿي ويو،عمران خان نئون ڪجه ڪيو ته ڏسي وٺنداسين:شاهد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو خوش اسلوبي سان ڪيو ويو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب کي ختم ڪري ملڪ جو نظام هلڻ گهرجي، جڏهن ته جيڪو ماڻهو ٻين جو احتساب ڪري ٿو ان کي پهريان پاڻ احتساب جي عمل ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، تنهن ڪري اڳوڻي چيئرمين نيب جاويد اقبال به اثاثا عوام آڏو رکي.هن چيو ته عمران خان آرمي چيف جي مقرري تي اثرانداز ٿيڻ چاهي ٿو، هاڻي هو ڪو نئون تماشو ٺاهيندو ته پوءِ به ڏسندو، آرمي چيف جي مقرري جو مرحلو اتفاق راءِ سان طئي ٿي چڪو آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي مونجهارو پکڙجي ويو، عمران خان اڪثر ڳالهيون دير سان سمجهندو آهي، ڀليڪار ڪنداسين.هن وڌيڪ چيو ته روس سان ڳالهين لاءِ آمريڪا جو ڪو به دٻاءُ ناهي، حڪومت خام تيل درآمد نه ڪندي پر ان کي ريفائن ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو