ڊي سي جو اوچتو دورو،ملازمن ۾ ٿرٿلو، سينيٽري انسپيڪٽر معطل پگھار بند

ڊي سي جو اوچتو دورو،ملازمن ۾ ٿرٿلو، سينيٽري انسپيڪٽر معطل پگھار بند

نوابشاهه (ن س) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ پاران ميونسپل ڪميٽي آفيس سميت شھر جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو ھڪ سينيٽري انسپيڪٽر معطل پگھار بند تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ صبح سوير ميونسپل ڪميٽي آفيس سميت شھر جي يوسي ٽي ، چار. پنج سميت مختلف علائقن جو دورو ڪري صفائي جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ صفائي واري عملي ۽ ٻين ملازمن جي حاضري چيڪ ڪئي ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي يوسي 8 جي سينيٽري انسپيڪٽر پطرس کي معطل ڪندي سندس پگھار بند ڪرڻ ۽ يوسي 3 جي سينيٽري انسپيڪٽر جوون کان وضاحت طلب ڪئي شهر جي دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر شھرين سان پڻ ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ سندن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته شھرين کي سھولتن جي فراهمي اولين ترجيح آهي ڪوتاهي ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته شھر ۾ صفائي جي صورتحال کي فوري طور بھتر بڻايو وڃي ۽ صفائي ڪندڙ عملي سميت سمورا ملازم پنھنجي حاضري کي يقيني بڻائين گوسڙو ملازمن جون پگهارون بند ڪيون وينديون ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته شھر ۾ صفائي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ روزاني ڪنھن به علائقي جو اوچتو دورو ڪندس غير حاضر رهندڙ عملي سان ڪنھن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر مزمل ٽائون جو دورو ڪري پاڻي جي نيڪال واري ڪم جو جائزو ورتو ۽ چيو ته پاڻي نيڪال جو ڪم جاري آھي اميد آھي ته ڪجھ ڏينھن اندر مزمل ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ٿي ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو