ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي لانڍي واري علائقي جي رهواسي کي 9 سالن کان سڃاڻپ ڪارڊ نه ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي نادرا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار جي سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو 2013ع ۾ ختم ٿي چڪو هو.درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار جي زال جو سڃاڻپ ڪارڊ به رد ڪيو ويو آهي.درخواستگذار جي وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اهو به ٻڌايو آهي ته شناختي ڪارڊ نه ٺهڻ سبب درخواستگذار جي ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي.










