ٽوئيٽر تان هٽايل نوجوان جي پوسٽ انٽرنيٽ تي وائرل

ٽوئيٽر تان هٽايل نوجوان جي پوسٽ انٽرنيٽ تي وائرل

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)جڏهن کان ايلون مسڪ ٽوئيٽر جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، ملازمن پنهنجي نوڪرين بابت پريشان آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب ٽوئيٽر تان 3500 کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪري سگهجي ٿو.ان حوالي سان ڪجهه ملازمن کي برطرفي جون اي ميلون به اچڻ شروع ٿي ويون آهن جڏهن ته ڪيترائي ملازم ڪمپني جي اهڙي فيصلي تي سخت مايوس ۽ ناراض آهن.اهڙي صورتحال ۾ ٽوئيٽر تان برطرف ٿيل نوجوان جي پوسٽ ٽوئيٽر تي مشهور ٿي وئي ۽ صارفين طرفان ان کي پسند ڪيو پيو وڃي.يش اگروال نالي هڪ 25 سالن جي شخص خوشيءَ سان Twitter تي پنهنجي برطرفي جي خبر پوسٽ ڪئي.ان شخص آفيس مان پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته برڊ ايپ سان ڪم ڪرڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، هن ٽيم جو حصو ٿيڻ تمام وڏي خوشي آهي.يش اگروال جي اڪائونٽ بايو موجب، هو Twitter تي پبلڪ پاليسي ٽيم جو حصو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو