مودي جي اسپتال آمد، انتظاميا جلدبازي ۾ غلطي ڪري ويٺي

مودي جي اسپتال آمد، انتظاميا جلدبازي ۾ غلطي ڪري ويٺي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي آمد کان اڳ موربي سول اسپتال جي عملي جلدبازي ۾ غلطي ڪئي جنهن کي مقامي ميڊيا ۽ شهرين بي نقاب ڪيو.ڀارتي ميڊيا موجب نريندر مودي پل حادثي جي زخمين سان ملاقات ڪئي جن جو اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي.رپورٽن مطابق وزيراعظم جي آمد کان اڳ اسپتال جي عملي رات گذاري اسپتال جي صفائي ڪئي، جنهن جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون پر انتظاميه جلدبازي ۾ غلطي ڪئي.ڀارتي ميڊيا موجب سرڪاري اسپتال ۾ رات جو 4 واٽر ڪولر لڳايا ويا پر انهن مان هڪ ۾ به پاڻي نه هو جنهن ڪري اهي ڳنڍيل نه هئا.ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسپتال انتظاميا انهن جي سڃاڻپ کانپوءِ ڪولر ۾ پاڻي جو ڪنيڪشن لڳايو.رپورٽن مطابق اسپتال ۾ مريض سان گڏ آيل عورت جو چوڻ هو ته اهو سڀ هڪ ڍانچو آهي، اڳ هتي واٽر ڪولر نه هو.هڪ ٻي عورت جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جو به فقدان آهي، انتظاميه وارا هتي آيا ڇو ته وزيراعظم جو دورو ٿيڻ جو امڪان هو.واضح رهي ته ڀارت ۾ آچر تي پل جي حادثي ۾ مذهبي رسمن ۾ مصروف 47 ٻارن سميت 135 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا، جن جو موربي سيول اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو