ڪامونڪي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو وري اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي چيو ته الله جي واسطي چورن سان گڏ نه بيهو.ڪامونڪي ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيڪو ساڻس گڏ بيهندو سندس رنگن ۾ رڱجي وڃي، مشرف ٻنهي خاندانن کي ڪرپشن تي هٽايو ته سڄي قوم اسٽيبلشمينٽ جي ان فيصلي جي حمايت ڪئي، اوهان کين ڊراءِ ڪلين ڪري اسان تي ٻيهر مڙهي ڇڏيو.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته ڇا اوهان انهن چورن کي مڃيو ٿا؟ ڪير به پاڪستاني کين تسليم نٿو ڪري، اوهان بند ڪمرن ۾ ڪڏهن چور ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪڏهن پاڪ ڪري ڇڏيو، پاڪستاني قوم رڍون، ٻڪريون، ڳئون ناهيون، انسان آهيون، خدا جي واسطي پاڪستاني قوم کي جانور نه سمجهو.ان کان اڳ عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا انقلاب چونڊن ذريعي ايندو يا رتوڇاڻ ذريعي؟ ڇهن مهينن کان ملڪ ۾ هڪ انقلاب جو مشاهدو ڪري رهيو آهيان، سوال رڳو آهي ته ڇا هي بيلٽ باڪس ذريعي ماٺو ٿيندو يا رتوڇاڻ ذريعي تباهي آڻيندو.










