واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) ايلون مسڪ ٽوئيٽر جي ملڪيت سنڀالڻ کان پوءِ ڪمپني جي ڪيترن ئي ملازمن کي ڪڍڻ لاءِ شروعاتي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب 44 ارب ڊالرز ۾ ٽوئٽر جي ملڪيت حاصل ڪندڙ دنيا جي امير ترين شخص مئنيجرز کي هدايت ڪئي آهي ته هو اهڙن ملازمن جي فهرست تيار ڪن جنهن کي ڪڍي سگهجي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملازمن کي ڪڍڻ جو عمل نومبر جي پهرين هفتي ۾ شروع ٿي سگهي ٿو. ٽوئيٽر جو انتظام سنڀالڻ کان اڳ ئي اهي رپورٽون سامهون آيون هيون ته ايلون مسڪ سرمائيڪارن کي ٻڌايو هو ته هو ٽوئٽر جي 75 سيڪڙو ملازمن کي هٽائي سگهي ٿو.جنهن کان پوءِ ايلون مسڪ ان ڳالهه جي ترديد ڪئي هئي ته هو ايتري وڏي انگ ۾ ملازمن کي ڪڍڻ تي غور نه پيو ڪري. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايلون مسڪ طرفان ٽوئٽر جي 7500 مان 50 سيڪڙو عملي کي فارغ ڪري سگهي ٿو.پهرين مرحلي ۾ ليگل ٽرسٽ ۽ سيفٽي سيڪشنز مان ڇانٽي ڪئي ويندي. ايلون مسڪ اڳ ئي ٽوئٽر جي ڪجهه وڏن عهديدارن خاص طور تي سي اي او کي عهدي تان هٽائي چڪو آهي. ايلون مسڪ ڪجهه وقت تائين ڪمپني جي سي اي او جو عهدو پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿو ۽ ٽوئٽر ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ چاهي ٿو.










