هجوم ۾ مبينا تشدد سبب 2 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل

هجوم ۾ مبينا تشدد سبب 2 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي مچھر ڪالوني ۾ مڇريل ماڻهن پاران ٽيلي ڪام ڪمپني جي ملازمن کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب مچھر ڪالوني ۾ ٽيلي ڪام ڪمپني جي ٻن ملازمن کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو ڪيس ڊاڪس ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آھي.ڪيس ۾ 15 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته 200 کان وڌيڪ نامعلوم ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي.مقتول جي چاچي اسحاق خلاف قتل، دهشتگردي ۽ ٻين قانونن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته اسحاق پنهنجي انجنيئر ايمن جاويد سان گڏ مچھر ڪالوني ۾ سگنلز جي ٽيسٽ لاءِ پهتو ته ٻنهي کي 200 کان 250 ماڻهن پٿر، لٺ ۽ بلاڪ استعمال ڪري قتل ڪيو.مشتعل ماڻهن متاثرن جي استعمال ۾ آيل گاڏي کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو