وزيراعظم شهبازشريف ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري فضائي جائزو ورتو

وزيراعظم شهبازشريف ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري فضائي جائزو ورتو

جيڪب آباد (رپورٽر) وزيراعظم محمد شهبازشريف هڪ ڏينهن جي بلوچستان دوري جي لاءِ جيڪب آباد پهتو اڏام دوران سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو ورتو تفصيل مطابق وزيراعظم بلوچستان دوري جي موقعي تي ٻوڏ سٽيل علائقي جيڪب آباد پهتو ان موقعي تي ضلعي انتطاميه جي آفيسرن ٻوڏ متاثرن جي امداد بابت بريفنگ ڏني جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهبازشريف وڍ، خضدار ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه نواب اختر مينگل جي رهائشگاهه تي ويو ۽ ان جي چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو