لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ نيب جي سزان خلاف سموريون اپيلون واپس نيب عدالتن ڏانهن موڪلي ڇڏيون.مسلم ليگ ن جي اڳوڻي ايم پي اي چوڌري رياض جي سزا خلاف اپيل به واپس موڪلي وئي آهي.عدالت چيو ته نئين نيب قانون موجب نيب عدالتن کي انهن ڪيسن جي ٻيهر ٻڌڻي ڪرڻ گهرجي، نئين نيب قانون کانپوءِ موجوده سموريون اپيلون ناقابل سماعت ٿي ويون.نيب پراسيڪيوٽر موجب نئين قانون تحت نيب اپيلون غير موثر ٿي ويون آهن، نيب جي ڪا به اپيل راولپنڊي هاءِ ڪورٽ بينچ ۾ ٻڌڻي يا ٻڌڻي هيٺ ناهي.










