تهران(ويب ڊيسڪ) مهسا اميني جي قتل خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڦهلجي ويو، ڇنڇر تي ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج، واپارين پاران ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاج جي حمايت. ايران ۾ انقلاب کانپوءِ ڪڏهن به ايڏي وڏي پيماني تي احتجاج نه ٿيا آهن. لڳاتار احتجاج پنجين هفتي ۾ داخل ٿي ويا آهن. ملڪ جي اڪثر تعليمي ادارن ۾ به شاگرد ۽ شاگرديا ڻيون احتجاج ڪري رهيون آهن. هيستائين 200 کان وڌيڪ ماڻهو سيڪورٽي فورسز هٿان قتل ٿي چڪا آهن. جن مان 93 زاهدان ۾ قتل ٿيا. قتل ٿيلن ۾عورتن جو وڏو انگ آهي ۽ 23 ٻارڙا به شامل آهن.
Iran: At least 23 children killed with impunity during brutal crackdown on youthful protests, according to @AmnestyIran #MahsaAmini pic.twitter.com/yswi26yab2
— Saman Rasoulpour (@SamRasoulpour) October 13, 2022
انٽرنيٽ، موبائيل فون سروس بند ڪرڻ جي باوجود هر ڏينهن احتجاج وڌي رهيو آهي ۽ هر طرف فريڊم فريڊم جا نعرا لڳي رهيا آهن. عوام مولوين جي حڪومت ۽ طرز حڪمران کان تنگ آهي، جمهوريت جي حمايت ڪري رهيو آهي. سيڪورٽي فورسز هزارين عورتن ۽ مردن کي گرفتار ڪري جيل ڀري ڇڏيا آهن، عورتون سينو تاڻي فورسز آڏو بيهي کين چيلينج ڪن ٿيون.
Sarina Esmailzadeh, 16, beaten to death by Iranian security forces for protesting for women’s rights in Iran. Nika Shakarami, 16, killed after burning her headscarf in protest. Hadis Najafi, 23, shot multiple times during demonstrations sparked by the death of Mahsa Amini, 22, pic.twitter.com/rf087dCZkS
— DUA LIPA (@DUALIPA) October 8, 2022
آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيا انساني حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي حمايت ڪندي ايران تي پابنديون مڙهيون آهن، يورپي يونين به پابندي لاءِ پرڏيهي وزيرن جو اجلاس سومر تي لگزمبرگ ۾ گهرايو آهي. ايران جي پرڏيهي وزير يورپي يونين کي خبردار ڪندي چيو آهي پابنديون نه هڻو، هڪ ڇوڪري جو قتل جو اوهان کي ايترو ڏک آهي ته پوءِ عراق، لبيا، شام، افغانستان ۽ دنيا ڀر ۾ هزارين ماڻهو ڇو ماريا ويا؟ ياد رهي ته 16 سيپٽمبر تي 3 ڏينهن جي حراست بعد مهسا اميني کي رجعت پسند ’اخلاقي پوليس‘ مٿي تي پوتي نه پائڻ ۽ حجاب نه ڪرڻ تي گرفتار ڪيو هو. جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، عورتون، ننڍي عمر جون ٻارڙيون به روزانو پنهنجون پوتيون لاهي هوا ۾ لهرائيندي احتجاج ڪن ٿيون، روڊن تي ٽائر ساڙي پنهنجيون پوتيون ۽ وارن جون چڳون قطري ساڙي رهيون آهن. هو ملائيت واري پابندين کي رد ڪندي آزادي واري زندگي گذارڻ جو حق گهرن ٿيون. ايمنيسٽي انٽرنيشنل سميت دنيا جون سڀ انساني حقن جون تنظيمون ايراني سيڪورٽي فورسز جي وحشياڻي تشدد جي مذمت ڪري رهيون آهن. جيڪو صحافي، اداڪار يا آرٽسٽ احتجاج جي حمايت ٿو ڪري رياستي ادارا انهن کي جيلن ۾ بند ڪري تشدد ڪن ٿا.
#مهسا_امینی#اعتراضات_و_اعتصابات_سراسری#Mahsa_Amini
نجاست بگیره اون اسلامی که حکم مرگ فرشتگانی همچون اینان بده pic.twitter.com/r0pYgDiwUJ
— @RendomMutterFaucksedAli (@shahabbolori) October 13, 2022
ايراني آرٽسٽ ۽ فلم ميڪر ماني هگيگي جي فلم جي لنڊن فلم فيسٽيول ۾ نمائش آهي ۽ ايراني حڪومت احتجاج جي حمايت ڪرڻ تي سندس پاسپورٽ کسي گهر ۾ نظر بند ڪيو آهي. حڪومت پنهنجي حامين ۽ پاسداران انقلاب فورس جي رٽائر ماڻهن کي جوابي مظاهرن جي ڇنڇر تي اپيل ڪئي هئي پر انهن جي احتجاجي مظاهرن کان عوامي مظاهرا ڪيترا ڀيرا وڏا آهن ۽ ايران ۾ ملائيت خلاف نفرت وڌي رهي آهي ۽ لبرل انقلاب ڪر کنيو آهي.










