اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان کي کليل منافقت ۽ ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي تقرير مان ظاهر ٿيو ته پرڏيهي ايجنٽ فتني نواز شريف جو انٽرويو ڏٺو هو.ن ليگ اڳواڻ پڇاڻو ڪيو ته توهان پاڪ جو نالو وٺي هڪ ئي واتان ڪوڙ، منافقت، بدمعاشي ۽ الزام هڻندا آهيو، ڇا توهان کي خدا جو خوف آهي؟ مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن توهين عدالت ۾ آهي ته پوءِ عمران خان پاڻ، فرح گوگي ۽ بشرا بي بي کي قانون جي حوالي ڪري.










