اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) واضح ڪيو آهي ته پاڪستان طرفان طئي ڪيل پاليسي معاهدا اڃا به لاڳو آهن.اسلام آباد ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٿر پيريز جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت جي ستين ۽ اٺين جائزي واري پروگرام لاءِ ڪيل پاليسي معاهدا پنهنجي جاءِ تي آهن.ايسٽر پيريز چيو ته معاشي استحڪام برقرار رکندي ٻوڏ متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ جو عمل نقصان جو اندازو لڳائڻ کانپوءِ شروع ڪيو ويندو.










