لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت جي صلاحڪار عمر سرفراز چيما جو چوڻ آهي ته عمران خان اقتدار وڃائي ويٺو پر لٽيرن کي اين آر او نه ڏنو.عمر سرفراز چيما جو چوڻ آهي ته اين آر او 2 ملڪ ۽ قوم لاءِ سنگين رانديڪو ۽ زهر قاتل آهي، اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير بڻائڻ ملڪ خلاف سنگين سازش آهي.هن چيو ته شريف خاندان ڊيل مان اربين ٽريلين جي ڦرلٽ ڪئي، شريف خاندان ڦرلٽ ڪري به اقتدار ۾ ويٺو آهي، ملڪ جي لٽيرن ۽ مني لانڊرنگ جي ماهرن کي ملڪ جي باگڙي ڏني وئي آهي.پنجاب حڪومت جي صلاحڪار چيو ته اين آر او وٺڻ وارن هميشه ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪيو آهي، عمران خان اقتدار وڃائي ويٺو پر لٽيرن کي اين آر او نه ڏنو.










