جوهر سليم وقتي پرڏيهي سيڪريٽري مقرر

جوهر سليم وقتي پرڏيهي سيڪريٽري مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جوهر سليم کي وقتي پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد هفتيوار بريفنگ ۾ صحافين کي ٻڌايو ته سينيئر آفيسر ۽ اسپيشل سيڪريٽري کي وقتي سيڪريٽري جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن.هڪ ڏينهن اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سان گڏ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود کي الوداع ڪيو.سهيل محمود اٽلي ۾ مقرر سفير جوهر سليم کي وقتي پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پرڏيهي آفيس مستقل پرڏيهي سيڪريٽري لاءِ ڪنهن جو نالو فائنل ڪرڻ تي اتفاق نه ڪيو آهي.سفير جوهر سليم جو سفارتي مدو ايندڙ سال اپريل ۾ ختم ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو